ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺورو وچ شھر ۾ قائم جيلاني مسجد مان نامعلوم چور لائوڊ اسپيڪر جو ايمپلي فائر چوري ڪري ويا۔ مسجد جي متولي محمد صالح سوهو صحافين کي ٻڌايو ته گذريل رات دير سان نامعلوم چور لائوڊ اسپيڪرن جي مشين مسجد مان چوري ڪري ويا آھن چورن ڪٻاڙي ۾ سامان وڪيو  جنهن بعد چورن جي سڃاڻپ به ٿي وئي آھي هن چيو ته هن مسجد مان اڳ ۾ به بيٽري ،پاڻي واري مشين، لوه هٿوڙا ۽ ٻيون چوريون ڪافي ڀيرا ٿيون آهن.