ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ناڻي کاتي ڪورونا ايمرجنسي دوران ڪورونا وارڊن، آءِ سي يو ۽ ٻين هنڌن تي 89 ڏينهن اءِ ڀرتي ڪيل ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف، نرسن ۽ ٻئي عملي کي پگھارن جي ادائگي لاءِ صحت کاتي کي 40 ڪروڙ 51 لک 28 رپيا جاري ڪيا آهن، صحت کاتي جي اختيارين وري اها رقم لاڳاپيل ضلعن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي آهي.