ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تي ٿيل ننڍي چونڊ دوران پيل ووٽن جي اڄ ٻيهر ڳڻپ يندي، ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن تڪ جي 30 ئي اميدوارن کي پنهنجن ايجنٽن سميت صبح جو 9 وڳي رٽرننگ آفيسر وٽ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي، پ پ ۽ نوازليگ ٻيهر ڳڻپ جي آجيان ڪئي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ وري ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي هوڏانهن پريس ڪانفرنس ڪندي تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪراچي واري قومي تڪ اين اي 249 تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلين بابت نواز ليگ وٽ ڪي ثبوت ناهن، اسان ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري فيصلي کي قبول ڪريون ٿا. هن چيو ته نواز ليگ پاران چيو پيو وڃي ته 167 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن تي پولنگ ايجنٽن جون صحيحون ٿيل ناهن، انهن 167 مان 117 پولنگ اسٽيشنن تي پيپلز پارٽي کي شڪست ملي آهي. هن چيو ته اسان ٻيهر ڳڻپ واري فيصلي کي چيلنج نه ڪنداسين هن چيو ته اسان سمجھون ٿا ته ٻيهر ڳڻپ واري اسلام آباد مان آيل هدايتن پٺيان ڪي طاقتون آهن جيڪي بنا ثبوتن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ چاهين ٿيون. هن چيو ته نواز ليگ وارا هڪ پاسي اليڪشن واري عمل ۾ فوج جي مداخلت جون دانهون ڪن ٿا، ٻئي پاسي اليڪشن واري عمل ۾ فوج کي شامل به ڪرڻ چاهين ٿا.