اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا چين ۾ پاڪستاني سفارتخانو خريداري لاءِ استعمال ٿيندو آهي؟ اين ڊي ايم اي جي رپورٽ غيرتسلي بخش قرار ڏيندي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته نجي ڪمپني کي اين 95 ماسڪ جي فيڪٽري لڳرائي وئي، فيڪٽري لاءِ سڄي مشينري ۽ ڊيوٽيز جي ادائگي روڪ ڪئي وئي، چارٽرڊ جهاز ذريعي مشينري گهرائي وئي ان جي ادائگي به روڪ ٿي، چيف جسٽس چيو ته افسوس اهو آهي ته چين ۾ پاڪستان جو سفارتخانو نجي ڪمپني جي ماسڪ ٺاهڻ واري مشين خريد ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، ڇا ڪاروبار وارو ڪم سفارتخانا ڪندا آهن، چين ۾ پاڪستاني سفارتخاني ذريعي خريداري ڪئي وئي؟ چارٽرڊ جهاز به سفارتخاني ذريعي ئي ڪرايو ويو، ڇا چين ۾ پاڪستاني سفير خريداري ئي ڪندا آهن يا ڊپلوميٽڪ ڪم به ڪندا آهن؟ اها ڏاڍي خراب صورتحال آهي.