اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اقتصادي رابطن واري ڪاميٽي (اي سي سي) 47 آءِ پي پيز مان 35 آءِ پي پيز کي معاهدي حت رهتن جي ادائگي جي مد ۾ پهرين قسط ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪالهه اي سي سي جو اجلاس ناڻي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري جي وفاقي وزير محمد ميان سومرو، گهرو مامرن جي وفاقي وزير شيخ رشيد سوڌو مختلف وفاقي وزيرن ۽ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ آءِ پي پيز کي ادائگي جي بجلي وزارت جي سمري تي غور ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ اي سي سي 47 آءِ پي پيز مان 35 آءِ پي پيز کي معاهدي تحت رهتن جي ادائگي جي مد ۾ پهرين قسط جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني، اي سي سي نيب جي جاچ ڪري 12 آءِ پي پيز جي ادائگي کي روڪي ڇڏيو، جڏهن ته اي سي سي ڪي اليڪٽرڪ سان ادائگي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ناڻي وزير جي سربراهي ۾ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ رٿابندي جو وفاقي وزير، توانائي، جهاز راني جا وفاقي وزير ۽ بجلي بابت خصوصي معاون به شامل هوندو، اي سي سي ڪورونا صورتحال کي سامهون رکي آڪسيجن گيس، آڪسيجن سلينڊر، ڪرائيجينڪ ٽينڪ کي ٽيڪسن جي ڇوٽ ۽ ڊيوٽيز معاف ڪرڻ جي سمري منظور ڪري ڇڏي آهي، اي سي سي اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ پاليسي آرڊر 2020 تي عملدرآمد لاءِ واپار وزارت پاران پيش ڪيل سمري جي منظوري ڏني، اي سي سي اين ڊي ايم اي کي آڪسيجن گيس ۽ 6 هزار ميٽرڪ ٽن آڪسيجن جي تقسيم جي نظام لاءِ هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا ڏيڻ، بينڪن ذريعي پرڏيهه مان پيسا موڪليندڙ پاڪستانين جي حوصلا افزائي لاءِ ٽيليگراف ٽرانسفر چارجز جي مد ۾ ڪيل ڪٽوتين جي واپسي لاءِ 10 ارب رپيا، ڪنٽومينٽ جنرل اسپتال راولپنڊي ۾ صحت سهولتن جي بهتري لاءِ 11 ڪروڙ 50 لک، نيشنل بينڪ جي بحرين برانچ جي قرضن جي واپسي لاءِ 80 ڪروڙ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي عمارت جي تعمير لاءِ 57 ڪروڙ 12 لک، سپريم ڪورٽ رجسٽري برانچ ڪراچي جي عمارت جي تعمير لاءِ 35 ڪروڙ، ڪورونا مريضن جي علاج لاءِ آئسوليشن سينٽر جي اسلام آباد ۾ قيام لاءِ 19 ڪروڙ 80 لک، وفاقي حڪومت جي ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ۾ اين ڊي ايم اي جي حصي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 27 ارب، پارلياماني وزارت جي آپريشنل خرچن لاءِ 4 ڪروڙ 83 لک، جيالوجيڪل سروي آف پاڪستان ليبارٽري لاءِ هڪ ڪروڙ 77 لک، بنيادي تعليم ڪميونٽي اسڪولن لاءِ وفاقي تعليم وزارت کي هڪ ارب 56 ڪروڙ 30 لک، اين سي ايڇ ڊي جي آپريشنل خرچن لاءِ هڪ ارب 21 ڪروڙ، ڪابينا سيڪريٽريٽ لاءِ 10 ڪروڙ جي ٽيڪنيڪل گرانٽ جي به منطوري ڏئي ڇڏي آهي.