ڪورونا ويڪسين: حڪومتي قدم خلاف درخواست داخل ڪرائيندڙ شھري تي 25 ھزار ڏنڊ

0
793
پوليس کان مايوس ٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪورونا وئڪسين بابت حڪومتي قدم خلاف درخواست داخل ڪرائيندڙ ڪراچي واسي شهري تي 25 هزار ڏنڊ لڳائي ڇڏيو، ڪورونا وئڪسين کان انڪار ڪندڙ شهرين جي موبائيل فون سم بند ڪرڻ واري فيصلي خلاف درخواست رد: درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو ته وئڪسين ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ عوام جِي مرضي آهي، وئڪسين لڳرائيندڙ ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، عدالت درخواستگذار کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته حڪومت کي عوام جو فڪر آهي ۽ توهان وري ڪورونا خلاف حڪومتي قدمن کي روڪڻ چاهيو ٿا؟..