پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ ڪوڏ ميتلو جو رهواسي 40 ڏينهن اڳ پراسرار نموني احمدپور مان گم ٿي ويل نينگر 12 سال جو حفيظ الل پٽ نياز حسين منگي شادي شهيد ڀرسان درگاھ لونگ فقير تان هٿ اچي ويو آهي، نينگر جي والد نياز حسين منگي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پٽ درگاھ لونگ فقير تان ملي ويو آهي جنهن جي پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڪ ڪتاب کڻي ڳولا ڪئي آهي، جڏهن ته احمدپور ۽ شاھ حسين ٿاڻي تي پٽ جي گم ٿيڻ جو اطلاع ڏنو هو پر پوليس پٽ جي ڳولا ۾ ڪابه مدد نه ڪئي هن چيو ته نينگر کي دماغ ۾ ڌڪ لڳل آهي جيڪو صحيح نموني گمشدگي بابت نٿو ٻڌائي سگهي پر پٽ جي هٿ اچڻ تي خوشي ٿي آهي