نندوشھر (ن پ ا) نندو پوليس گوٺ ڇيل ۾ شراب جي بٺيءَ تي ڇاپو ھڻي ھڪ ڄڻي مصطفيٰ ملاح کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 190 لِٽر ڪچو شراب ء شراب ٺاھڻ جو سامان ھٿ ڪري ورتو. جوابدار تي منشيات ايڪٽ گناھ نمبر 33 2021 قلم 3،4 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف نندو پوليس چيڪنگ دوران روپوش جوابدار شوڪت ڇلگري کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو، جنهن کي وارثن پاران ضمانت جو ليٽر پوليس کي ڏيکارڻ بعد آزاد ڪيو ويو.