منيلا (دلچسپ نيوز) قسمت جي ديوي مهربان: روڊن تي پندڙ فقيرياڻي ڪروڙ پتي بڻجي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب فلپائن جي شهر لقبان ۾ 5 سال اڳ روڊن تي پنندڙ 13 ورهين جي نينگري ريٽا گورٽلا جي هڪ تصوير وائرل ٿي وئي،معصوم ۽ خوبصورت چهرو رکندڙ نينگري ريٽا گورٽلا جي تصوير کي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ لکين لائيڪس ملي ويا،ريٽا گورٽلا جي تصوير ڏسي ڪيترن ئي ادارن ساڻس روڊ تي ئي رابطو ڪيو ۽ کيس ماڊل بڻجڻ جي آڇ ڪري ڇڏي، معصوم نينگري جو والد به ڪچرو ڍوئيندو هو، جنهن کيس ماڊل بڻجڻ جي اجازت ڏني ۽ هو سپر ماڊل بڻجي وئي،ريٽا گورٽلا هن وقت جواني ۾ قدم رکي ڇڏيا آهن ۽ کيس لکين رپيا ماڊلنگ، ٽي وي شوز ۽ ٻين پروگرامن مان ملن ٿا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ريٽا گورٽلا جي گهر جي ڪنهن ماڻهو به اسڪول جو منهن نه ڏٺ هو ايستائين جو هنن وٽ ڪڏهن ڪڏهن کائڻ لاءِ به ڪجهه نه هوندو هو جنهن جي لاءِ ريٽا کي ٻاهر نڪرڻو پوندو هو ۽ مختلف علائقن ۾ پني گهر وارن جي بک اجهائيندي هئي. مئي 2016 ۾ فلپائني فوٽو گرافر ٽوفر ڪوئنٽو جي نظر ان تي پئي جيڪو ريٽا جي خوبصورتي مان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ ان جي هڪ تصوير ڪڍي انٽرنيٽ تي شيئر ڪري ڇڏي.جنهن بعد پوري فلپائن ۾ ريٽا جو نالو مشهور ٿي ويو ريٽا جو تعلق هڪ برادري سان آهي جنهن کي باجائو چيو ويندو آهي ۽ ان ئي حوالي سان هو باجائو گرل جي نالي سان مشهور ٿي وئي ۽ غربت مان نڪري آئي.