ڪورونا جي ڪري آيل ٻاڙائي کي ٽارڻ لاءِ جهازن ۾ سامان کي به مسافرن جيان سفر ڪرڻ جي اجازت

0
400

لنڊن (دلچسپ نيوز) ڪورونا وائرس جي ڪري مسافرن جي عالمي اچ وڃ ۾ گهٽتائي جي ڪري ڪيتريون ئي هوائي ڪمپنيون مالي نقصان جو شڪار ٿي ويو آهن ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيون آهن، ڪجهه ايئر لائنز جهازن مان مسافر سيٽون گهٽائي ڇڏيون آهن ته ڪجهه متبادل طريقو استعمال ڪري رهيون آهن. ان ڪي يورپي ملڪ نيڌرلينڊ يا هالينڊ جي رائل ڊچ ايئر لائن ڪي ايل ايم خاص ڪارگو باڪس تيار ڪيا آهن ته جيڪڏهن جهاز کي واپسي تي مسافر نه ملن ته پسينجر ڪيبنز کي ڪارگو سيڪشن ۾ تبديل ڪري سگهجي. 102 سال پراڻي هوائي ڪمپني ڪي ايل ايم اهڙو تجربو شنگهائي کان ايمسٽرڊيم تائين اڏام ۾ ڪيو، ان اڏام جو نالو ڪي ايل 896هو. جهاز مسافر کڻي چين آيو پر واپسي تي مسافر نه هئا جنهن تي مسافر ڪيبنز کي اڳ ۾ تيار ڪيل سفيد ۽ نيري رنگ يج خاص پلاسٽڪ ٿيلهين سان ڍڪيو ويو ۽ سيٽن تي ڪارگو باڪس رکي هيڊي رنگ يج خاص سيٽ بيلٽس جي مدد سان ٻڌي ڇڏيو. سامان وارن خانن ۾ به ڪارگو جا دٻا رکيا ويا.