سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ احساس ڪفالت سينٽرز تي عورتن جي تذليل جاري

0
345

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ احساس ڪفالت سينٽرز تي عورتن جي تذليل جاري، ٺل ۾ پيهه دوران هڪ عورت بيهوش، غوثپور، ڪنري، نندو ۽ ٻين شهرن ۾ به ايجنٽ مافيا سرگرم، مستحق عورتن طرفان وظيفي مان ڪٽوتي جون دانهون، انتظاميا ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ به ناڪام ٿي وئي آهي، مستحق عورتن جو چوڻ آهي ته رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ اسان کي رلايو پيو وڃي، پئسن مان ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، ظلم ڪيو ويو آهي، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن.