ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ فيڪٽري اندر ناري سان گينگ ريپ ۽ بعد ۾ سندس موت واريون خبرون سوشل ميڊيا تي گردش ڪرڻ لڳيون، پوليس پاران واقعوڪوڙو قرار، گذريل ڏينهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي نشي جي حالت ۾ هڪ عورت جو لاش ملڻ واري واقعي کي نجي فيڪٽري سان ڳنڍيو ويو، سوشل ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد پوليس حرڪت ۾ اچي وئي، ڊي آءِ جي اوڀر مقدس حيدر ڪاٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪري واقعي بابت پڇا ڪئي، ڊي آءِ جي مقدس حيدر موجب مون ذاتي طور تي معاملي جي جاچ ڪئي آهي، اها هڪ ڪوڙي خبر آهي، منهجي ڪاٽي جي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ٿي، مقامي پوليس به جاچ ڪئي آهي، ڪورنگي شلعي جي ڪنهن به ٿاڻي تي اهڙي قسم جو واقعو رپورٽ ناهي ٿيو، سوشل ميڊيا تي وڊيوز رکي غلط خبر هلائي وئي. ٻئي طرف فيڪٽري انتظاميا به ترديد ڪندي چيو ته ڪجهه ڀتا خور بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ من گھڙت خبرون هلائي رهيا آهن