گهارو(ن پ ا)  ٺٽوجي عدالتي حڪم تي انتظاميه پاران خالي ڪرايل زمين تي تڪرار وڌي ويو. مالڪيءَ جي دعويدار ۽ متاثر ڌر پاران هڪٻئي تي الزام هنيا ويا آهن. ٺٽوجي عدالت پاران مليل زمين جي مالڪن صديق پليجو.علي نوازپليجو پريس ڪلب گهارو ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيوآھي ته اسانجي زمين تي شيرازي برادران جي حڪم تي آمڙا برادريءَ جي ماڻهن گذريل سال قبضوڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا هئا جنهن خلاف اسين مسلسل عدالت ۾ قانوني جنگ وڙھي آهي،  شيرازي برادران آمڙابرادريءَ جي هٿياربندن کي زمين ڀرسان ويهاري ڌمڪائڻ کانپوءِ رات کان اسانجي خاندان خلاف پروپيگنڊه ڪري علائقي جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿا. هن وقت به هٿياربندپوليس پڪٽ باوجود اسان کي ڌمڪائي رهياآھن.جنهن سبب اسانجي زندگين کي خطرو پيدا ٿي ويوآھي.زميندارن وڌيڪ چيو اسان جي  ڪنهن به فردکي جاني نقصان پهتو ته ان جاذميوار اڳوڻوضلعي ناظم شفقت شاھ شيرازي. ايم اين اي ايازشاھ شيرازي۽ ايم پي اي رياض شاھ شيرازي ۽ اڳوڻو ايم پي اي اميرحيدرشاھ شيرازي هوندا. ٻئي پاسي  ڳوٺ الھبچايو آمڙو جي رهواسين عبدالرزاق آمڙو ، غلام رسول آمڙو ، غلام حسين ٽانڪ ، ٻڌايو ته پوليس چڙائي ڪري ڳوٺ ڊاھڻ واري معاملي تي غلام رسول آمڙو جي درخواست تي سنڌ ھاء ڪورٽ ڪراچي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي ، اسان قبضو ناھي ڪيو نه ۽ ھٿياربند وھاريا آھن، ٻئي پاسي پنھنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ، امير حيدر شاھ شيرازي جو چوڻ ھو ته آمڙا قديم رھواسي آھن غريب مسڪين آھن ، اسان انھن سان گڏ آھيون ، اسان ھٿياربندن ماڻھون ناھين ويھاريا ، نواز پليجو ڪوڙا الزام ھڻي پيو ، اسان 1985 کان اليڪشن وڙھندا پيا اچون ، اسان کي ماڻھون ووٽ ڏين ٿا اسان غريبن جي مالڪي ڪنداسين ، ۽ زمين جو معاملو ڪورٽ ۾ آھي ڪورٽ اسٽي آرڊر ڏئي ڇڏيو آھي ، اسان ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪنداسين.