گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪيءَ جي عدالت ۾ جوابدارن چاقن سان حملو ڪري سينئر وڪيل ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري لياقت ملاڻو کي زخمي ڪري ڇڏيو، ڪيس داخل، هڪ جوابدار گرفتار. گذريل ڏينهن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪيءَ جي عدالت ۾ حاضري تي آيل جوابدار سهيل رند ۽ ٻين وڪيل لياقت ملاڻو مٿان چاقن سان قاتلاڻو حملو ڪري ڏنو. هٿ ۽ پيٽ ۾ چاقو لڳڻ سبب وڪيل اڳواڻ زخمي ٿي پيو. ان موقعي تي عدالت اندر ڊيوٽيءَ تي موجود پوليس اهلڪارن مک جوابدار سهيل رند کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو. زخمي لياقت ملاڻو موجب هو عدالت اندر ڪيس جي سلسلي ۾ سيشن جج جي عدالت وڃي رهيو هو ته جوابدار سهيل رند ساٿين سان گڏجي حملو ڪيو. اطلاع تي وڏي انگ ۾ وڪيل گڏ ٿي ويا.  زخمي وڪيل کي علاج لاءِ سول اسپتال گهوٽڪي نيو ويو. هوڏانهن وڪيل علي اصغر پنهيار، صدام چند، نادر چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اي سيڪشن ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري حملي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. وڪيلن جي احتجاج بعد گرفتار جوابدار سهيل رند سميت ٽن ڄڻن مٿان زخمي وڪيل لياقت ملاڻو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.