ڪوئيٽا ۾ ينگ ڊاڪٽرن جي هڙتال، مريض سخت پريشانين جو شڪار

0
146
ڪوئيٽا ۾ ينگ ڊاڪٽرن جي

ڪراچي(م ڊ) ڪوئيٽا جي سرڪاري اسپتالن ۾ ينگ ڊاڪٽرن جي هڙتال سبب او پي ڊيز ۽ انڊور سروس بند ٿيڻ سبب مريض سخت پريشاني جو شڪار آهن

ينگ ڊاڪٽرز گرفتار ساٿي ڊاڪٽرن جي آزادي ۽ مٿن داخل ڪيس ختم ڪرڻ جي مطالبن لاءِ هڙتال تي ويٺل آهن، جڏهن ته ينگ ڊاڪٽرن جي مطالبن ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ طبي سهولتون فراهم ڪرڻ به شامل آهي

بلوچستان ۾ هڙتال تي ويٺل ينگ ڊاڪٽرز صوبائي حڪومت کي مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻن ڏينهن جو وقت ڏنو هو پر حڪومت طرفان ڪا به اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ينگ ڊاڪٽرن اڄ ايمرجنسي سروس به بند ڪري ڇڏي

ٻئي طرف اسپيشل سيڪريٽري صحت عزيز جمالي چيو آهي ته ڊاڪٽرن کي هڙتال يا بائيڪاٽ ڪرڻ جو حق ناهي، ريڊ زون ۾ ويٺل ماڻهن جي خلاف پوليس ڪريڪ ڊائون ڪيو، انهن جي خلاف ڪارروائي به ڪئي پئي وڃي