ايف بي آر اسلام آباد ۽ ڪراچي سوڌو ڪيترن ئي شهرن جي غير متحرڪ ملڪيتن جي قيمت وڌائي ڇڏي

0
306
ايف بي آر ڪراچي سوڌو ڪيترن

ڪراچي(م ڊ)  فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڪراچي ۽ لاهور سميت 40 وڏن شهرن ۾ غير متحرڪ ملڪيتن جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي

ايف بي آر موجب غير متحرڪ ملڪيت ۾ ڪمرشل ۽ رهائشي اپارٽمنٽ، فليٽ ۽ ٻيون ملڪيتون شامل آهن، ان کان اڳ ايف بي آر 20 شهرن ۾ غير منقوله ملڪيتن جا اگهه مقرر ڪيا هئا

ايف بي آر موجب قيمتن ۾ واڌ جو مقصد ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کان وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ آهي، جن شهرن ۾ ريئل اسٽيٽ جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي انهن ۾ اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، راولپنڊي، حيدرآباد، رحيم يار خان، سرگوڌا، گوادر، لاڙڪاڻو ۽ ٻيا شامل آهن

ايف بي آر جي پڌرائي موجب ڪراچي ۾ هر اضافي اسٽوري تي 25 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، اسلام آباد جي سيڪٽر اي سيون ۾ زمين جي قيمت ۾ اڍائي لک رپيا في چورس گز جو اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سيڪٽر ايف سڪس ۾ زمين جي قيمت 2 لک روپيا في چورس مقرر ڪئي وئي ان کان علاوه  سيڪٽر ايف سيون ۾ 3 لک رپيا في چورس گز جڏهن تهه اي 11 ۾ زمين جي قيمت 1 لک 10 هزار رپيا في چورس گز مقرر ڪئي وئي آهي

اسلام آباد جي سيڪٽر ايف 8 ۾ زمين جي قيمت 2 لک رپيا في اسڪوائر يارڊ ۽ بليو ايريا ۾ دڪان جي قيمت 6 لک 80 هزار 420 رپيا في اسڪوائر فوٽ مقرر ڪئي وئي آهي

ٻئي طرف سيڪريٽري جنرل ريڪا احسن ملڪ چيو آهي ته ايف بي آر جي ملڪيتن جي قيمتن ۾ هڪ طرفي واڌ کي رد ڪيون ٿا، ايف بي آر کي ڪيترائي خط لکيا پر ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو