راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل ۾ ملتان سلطانز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي سخت مقابلي کانپوءِ 9 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ملتان سلطانز ٽاس هارائي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 262 رنز ٺاهيون. عثمان خان 43 بالن تي 9 ڇڪن ۽ 12 چوڪن جي مدد سان 120 رنز ٺاهي نمايان رهيو، محمد رضوان 55 رنز ٺاهيون، ٽم ڊيوڊ 43 رنز جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز طرفان قيس احمد 4 اوورن ۾ 77 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 253 رنز ٺاهي سگهي. ڪوئٽا طرفان عمير يوسف 67 ۽ افتخار احمد 53 رنز ٺاهي نمايان رهيا. ملتان سلطانز طرفان عباس آفريدي 5 ۽ احسان الله 2 وڪيٽون ورتيون.