ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي جي زمان ٽائون ۾ 9 ورهين جو ذهني معذور ٻالڪ زيادتي بعد قتل: 2 شڪي سوگها، ان ڏس ۾ زمان ٽائون ۾ ڪار مان 9 ورهين جي ٻالڪ حسين جو لاش آيو، ايس ايس پي ڪورنگي ساجد سدوزئي موجب ذهني معذور نينگر کي زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ثبوت سامهون اچي ويا آهن، پوليس پارڪنگ اسٽينڊ جي چوڪيدار عاصم ۽ ڪار مالڪ شهزاد کي حراست ۾ ورتو آهي، ٻنهي جوابدارن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي ويندي،