ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪيءَ ۾ پراڻي دشمنيءَ تان هٿياربندن شهر جي مين چوڪ تي پوليس چوڪيءَ جي سامهون  هٿيارن جا منهن کولي ڳڀرو نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، ٻيو ڀاءُ مرڻينگ، هٿياربند آسانيءَ سان فرار ٿي ويا. خبر موجب ڏهرڪيءَ جي مال پڙي چوڪ وٽ پوليس چوڪيءَ جي سامهون موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي شريف جکراڻيءَ کي قتل ۽ سندس ڀاءُ مرتضيٰ جکراڻيءَ کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. مقتول نوجوان شريف جکراڻيءَ جي پيرسن والد لطيف جکراڻي اسپتال ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻه مهينا اڳ ساڳين جوابدارن منهنجي ڀائٽي مختيار جکراڻيءَ کي قتل ڪيو پر پوليس رشوت وٺي جوابدارن جا ڪيس مان نالا ئي خارج ڪري ڇڏيا. ساڳين ئي جوابدارن اڄ منهنجي هڪ پٽ کي قتل ۽ ٻئي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آھي. هن دانهيندي چيو ته آئون پنهنجي پٽ جي قتل جو ذميوار ڏهرڪي پوليس کي سمجهان ٿو. مقتول شريف جکراڻيءَ جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته زخمي مرتضيٰ جکراڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال نيو ويو آهي. ان حوالي سان ڄاڻ ملي آهي ته هڪ سال اڳ ڪشمور جي ڳوٺ 82 پل واري علائقي ۾ غلام رباني عرف وشو جکراڻي قتل ٿي ويو هو، جنهن جو الزام مقتول ڌر تي هنيو ويو، جنهن بعد اهي ڀرچونڊي لڏي آيا هئا. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.