رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري ڀرسان نبي شاهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي شاهه بروهي مان ٻه سئوٽ نينگر 16 ورهين جو صدام پٽ محمد ايوب بروهي ۽ مرتضيٰ پٽ لکمير بروهي مبينا طور اغوا ٿي ويا آهن.ان سلسلي ۾ نينگر مرتضيٰ بروهي جي والد لکمير پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته شهداد ڪوٽ ويل هيس واقعي بابت مون کي گھر وارن فون ڪري ٻڌايو هن وڌيڪ چيو ته ٻئي نينگر پنهنجي گھر آڏو بيٺا هيا ته هڪ نامعلوم گاڏي مان ڪجهه ماڻهن لهي ٻنهي ڄڻن کي زبردستي کنڀي گاڏي ۾ ويهاري کڻي هليا ويا هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ڪو نه آهي اسان کي شڪ آهي ته اسان جي ٻنهي نينگرن کي اغوا ڪيو ويو آهي ڳوٺ ۾ اسان جا گھر به هڪٻئي کان پري پري آهن ان ڪري ڪنهن به ڳوٺ واري کي ان بابت ڪا به ڄاڻ ملي ڪو نه سگھي ته گاڏي ۾ڪير سوار هئا اسان غريب ۽ مسيڪن ماڻهو آهيون پورهيو ڪري پنهنجي گھڙ جو چرخو هلائيندا آهيون اسان جي نينگرن کي اغوا ڪري ظلم ڪيو ويو آهي هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي شڪارپور ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته اسان جي مدد ڪري ٻنهي نينگرن کي بازياب ڪرايو وڃي.