سکر (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ علامه راشد محمود سومري چيو آهي ته اهم اشوز تان ڌيان هٽائڻ لاءِ منهنجو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ ڪرپشن ۽ هم جنس پرستيءَ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين. سکر لڳ جلسي کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ اسلام جي سربلنديءَ لاءِ جنگ وڙهي رهي آهي. مخالف ڪڏهن اقليتن ته ڪڏهن عورتن جي آڙ ۾ اسان تي نفرت جا تير هلائي رهيا آهن، سنڌ ۾ فرقيواريت، لسانيت جي آڙ ۾ ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسان باهه کي ڀڙڪائڻ نٿا چاهيون. هن واضح ڪيو ته سنڌ ۾ تعليمي ادارن، يونيورسٽين ۾ ڪرپشن، هم جنس پرستي جي ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نياڻين سان جنسي وحشت ٿي رهي آهي، ادارن جا سربراهه منشين وارو ڪم ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ ڪڏهن به هولي، ڪرسمس يا اقليتن جي ڏهاڙن جي مخالفت ناهي ڪئي.