ڪنڌڪوٽ ويجهو دراني مهر ٿاڻي جي حد ۾ پُراڻي تڪرار تان ڳوٺاڻو قتل

0
172

ڪنڌڪوٽ ويجهو دراني مهر ٿاڻي جي حد ۾ پُراڻي تڪرار تان ڳوٺاڻي کي گولين جو بک بڻايو ويو آهي

جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌُرين پنهاڻي ۽ طاهراڻي ڌُرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻو ڪبير پنهاڻي جاگيراڻي مارجي ويو

واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، جڏهن ته اطلاع ملڻ تي پوليس مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺڻ لاءِ واقعي واري هنڌ رواني ٿي چڪي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ مان لڳي رهيو آهي ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي