بلدياتي چونڊ دنگل، ملھه ڪير ماريندو؟

0
99
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

عمرڪوٽ مان الياس ٿري لکي ٿو

عمرڪوٽ ضلعي ۾ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چُڪيون آھن ۽ سڀاڻي 26 جون تي شام جو اھا خبر پوندي ته ضلعي جي ڪل 42 يونين ڪائونسلن ۽ ضلعي جي ست ٽائون ڪميٽين ۽ ھڪ ميونسپل ڪميٽي تي پارٽي پوزيشن ڪھڙي ۽ ڪيئن ٿي بيھي ۽ ميدان ڪير پيو ماري البته ضلعي ۾ ظاھري طور تي پيپلزپارٽي جو پلڙو ڀاري نظر اچي رھيو آھي. ضلعي ۾ اليڪشن عملدارن ۽ ضلعي انتظاميه پاران مسلسل گڏجاڻين ۽ ميٽنگن بعد  ڪُل 480 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون ھيون پر ڪافي تڪن تان پ پ اميدوارن ۽ ڪجھه ٻين اميدوارن جي بنا مقابلي ڪاميابي جي نتيجي ۾ انتظاميه کي ٻيھر اليڪشن جي انتظامي صورتحال کي اپڊيٽ ڪيو ويو  ھاڻ ضلعي ۾ موجود ڪل 480 بجاءِ تعداد کي گھٽائڻ جي نتيجي ۾ 403 پولنگن تي اليڪشن مقابلا ٿيندا جن ۾ 117 پولنگن کي انتھائي حساس ۽ 139 پولنگن کي حساس قرار ڏنو ويو آھي جتي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳائي حفاظتي انتظام ويتر سخت ڪيا ويا آھن. ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڪُل 05 لک 78 ھزار 149 ووٽ ته رجسٽرڊ ٿيل آھن پر ھن بلدياتي اليڪشن ۾ ڪُل 04 لک 97 ھزار 839 ووٽرز پنھنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگھندا 615 مرداڻا ۽ 548 عورت پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آھن اليڪشن ڏھاڙي رينجرز به الرٽ ھوندي ضلعي ۾ 8141 پوليس اھلڪار ۽ آفيسر اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر ھوندا جڏھن ته 300 پوليس ڪمانڊوز ۽ اھلڪارن تي ٻڌل ڪوئيڪ ريسپانس فورس به جوڙيو ويو آھي جنھن جي ڪمانڊنگ ايس ايس پي عمرڪوٽ ڪندو.

ھن ڀيري بلدياتي چونڊن جي نتيجن جو ڪو نئون رخ سامھون اچڻ جو به امڪان ٻڌايو پيو وڃي جنھن جو ڪارڻ اميدوارن کان عام ماڻھن جا سخت پڇاڻا ترقياتي ڪم ڪار نه ٿيڻ ٻڌايو پيو وڃي انتظامي سطح تي اليڪشن جي حوالي سان ضلعي ۾ رينجرز سان گڏ پوليس جا ڪل 1841 جوان ۽ آفيسر سيڪيورٽي ڊيوٽيون ڏيندا انتھائي حساس پولنگن مان ھر پولنگ تي 04 پوليس اھلڪار ۽ ھڪ آفيسر مقرر ھوندو.

 ضلعي جي اڪيلي ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ سخت مقابلو ٿيڻ جو امڪان آھي اھي تبصرا ۽ چئوٻول ھلندڙ آھن ته پي ٽي آءِ گذريل چونڊن ۾ 04 وارڊن تان ڪاميابي ماڻي ھئي ۽ ھن ڀيري ٿي سگھي ٿو ته ھڪ ٻه سيٽون وڌيڪ کٽي وڃي جڏھن ته پ پ ذريعن موجب ھن ڀيري پي ٽي آءِ کي ايم سي تان شڪست ملندي ڏسون ته نتيجا ڪھا ٿا اچن. ويھرو جي وارڊ 10 تان پ پ اميدوار برھان ڪنڀر امتحان ۾ اچي ويو آھي سامھون سندس ئي برداري جو سجاد ڪنڀر آزاد اميدوار طور ۽ مينگھواڙ برادري جو نوجوان انجنيئر تيرٿ سجن ڪمار ميدان ۾ لٿل آھن چوڻ وارا اھو به چون ٿا ته ھي ضلعي جو واحد وارڊ آھي جتي پ پ اڳواڻ ووٽ ڪرائڻ جي معاملي تي ورھائجي ويا آھن. ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ شھر جي 14 وارڊن لاءِ پ پ پاران خالد سراج سومرو ڊاڪٽر اسد سيف الله سومرو هيمراج اوڏ مولچند شيواڻي بنسي مالهي مدن لال سوماڻي شوڪت اُڌيپوري ڌرمداس بيٺلاڻي دليپ ڪمار مولچنداڻي چيتن گوئيل رميش ڪمار رتناڻي اميدوار آھن جڏھن ته پي ٽي آءِ پاران اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي جو ڀاءُ ليکراج مالھي  ڀواني شنڪر مالھي ڊاڪٽر چيتن مالھي ۽ ٻين کي ٽڪيٽ جاري ڪيا ويا آھن. ھوڏانھن يوسي گپنو مان ضلعي ڪائونسلر طور پ پ اميدوار مير مجتبي ٽالپر ۽ يوسي چئرمين طور چوڌري مصدق آرائين بنان مقابلي ڪامياب ٿي ويا آھن يوسي نيوڇور لاءِ پ پ پاران ضلعي ڪائونسل لاءِ صوفي اڪبر حسين جو پٽ صوفي علي رضا سميت بنا مقابلي ضلعي ڪائونسلر واري سيٽ تي صوبائي وزير سيد سردار شاھ جو ڀاءُ سيد سرفراز شاھه ميان خالد ولھاري سميت ٻيا مختلف ضلعي ڪائونسلر ۽ وارڊز تي بيٺل ميمبر ۽ چئرمين طور اميدوار ڪامياب ٿيا آھن. يوسي کوکراپار لاءِ عبدالمجيد سمون ۽ چيئرمين لاءِ عبدالجبار حاجي محمد حسن راڄڙ کي يوسي ڊيٻو تي ضلع ڪائونسل جو ٽڪيٽ جاري ڪيو ويو آھي اھڙي طرح يوسي حضرت ميان جان محمد تي پيپلز پارٽي پاران چيئرمين لاءِ رئيس ممتاز لاشاري ۽ ضلعي ڪائونسل لاءِ سوائي سنگھه سوڍو جڏھن ته يوسي عطا محمد پلي ۾ جي ڊي اي پاران ضلع ڪائونسل لاءِ فقيرمحمد اسلم مھر يوسي نيوڇور مان جي ڊي اي پاران چئرمين لاءِ نامياري تعليمي ماھر پونجراج ڪيسراڻي چونڊ وڙھي رھيو آھي جتي چونڊ چھچٽو عروج تي پھتل آھي.

اليڪشن کٽڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ٿيڻ جا به چئوٻول آھن جيئن ڪجهھ ڏينھن اڳ ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي وارڊ نمبر 10 ۾ آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙھندڙ اميدوار انجنيئر تيرٿ مينگھواڙ پنھنجي ووٽرن ۽ علائقي واسين سان گڏجي پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. تيرٿ مينگھواڙ مبينه طور الزام ھڻندي چيو ته سندس حمايتي ووٽرن جو پاڻي گذريل ڪافي ڏينھن کان بند ڪيو ويو آھي ھوڏانھن جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو عمرڪوٽ پھچي ميونسپل جي وارڊ نمبر 09 ۾ مقامي جي يو آءِ اميدوار نواز بجير کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پارٽي اڳواڻن سان گڏجاڻي ۽ ڪارنر ميٽنگ ڪئي ان بعد ھن غوثيه چوڪ لڳ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جي يو آءِ اميدوارن کي پ پ نمائندا ڌمڪيون پيا ڏين منھنجي ڪنھن به اميدوار کي ڪجهھ ٿيو ته اوھان جون ٻانھون ۽ ٽنگون سلامت نه رھنديون.

اھڙي ريت ضلعي عمرڪوٽ ۾ سڀئي سياسي پارٽيون ان ڪوشش ۾ آھن ته بدلجندڙ حالتن ميڊيائي ترقي ۽ حڪومتي ڪمزورين ۽ ڪوتاھين کي وائکو ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ ھتي سنڌ جا ٻه اڳوڻا وڏا وزير سيد مظفر حسين شاھه ۽ ارباب غلام رحيم به ڪافي گڏجاڻيون ۽ دورا ڪري پنھنجن اميدوارن جي ڪاميابي لاءِ جوڙ توڙ ڪري چڪا آھن. پ پ جو سيد سردار  شاھه نواب يوسف ٽالپر به سرگرم آھن ڏسون ته زور ڪير ٿو ٿئي ضلعي جي عوام جون نظرون سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مظفر حسين شاھه جي اباڻي يونين ڪائونسل کيجراڙي تي کتل آھن جي ماضي جا سياسي دوست حال ۾ سخت سياسي مخالف بڻجي آمھون سامھون ٿيل آھن. ضلعو سوچي ٿو ته کاروڙو کٽي يا کيجراڙي باقي کين روزگار صرف ڏھاڙي مزدوري ھمالپو ڪرڻ سان ئي ممڪن ملي سگھندي باقي وٽانئن ورڻ سرڻ لاءِ ڪجھه به ڪونھي.