ڪنڌڪوٽ: مختلف ترقياتي ڪمن ۾ 3 ارب رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف

0
180
ڪنڌڪوٽ: مختلف ترقياتي

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عمران علي کوسو) ڪنڌڪوٽ شهر ۾ مختلف ترقياتي ڪمن ۾ 3 ارب رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف،  رپورٽ موجب،ڪنڌڪوٽ ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن ۾ 300 ڪروڙ رپيا ڪرپشن جي ضد ۾ اچي ويا، ڪنڌڪوٽ جي مختلف کاتن روڊس کاتو، بلڊنگ، ايجوڪيشن، هيلٿ،پبلڪ، هيلٿ، ميونسپل سميت مختلف کاتن ۾ 3 ارب رپيا هڙپ ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن، جڏهن ته اهي به  انڪشاف ٿيا آهن ته 3 ارب رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث هڪ ئي سرڪاري ملازم ٺيڪيدار کي ٺيڪا ڏنا ويا آهن، ان حوالي سان شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن  زاهد،حاڪم،صوبا ۽ ٻين چيو ته ضلعي اندر ٿيندڙ ڪرپشن ۾ ضلعي جا آفيسر ۽ ٺيڪيدار ملوث آهن

  هنن ٻڌايو ته ڪرپشن ڪندڙ ٺيڪيدار تعليمي درسگاهه کي به بخش نه ڪيو، 3 ارب رپين جي ڪرپشن جي ضد ۾ ڊگري ڪاليج جي عمارت به شامل آهي، جيڪا بلڊنگ ٺهي ته/  نه سگهي پر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي بلڊنگ سميت بائونڊري وال ۽ ڀاٿ روم جي تعميراتي ڪمن ۾ به ڪرپشن ڪئي وئي، هنن چيو ته ڊگري ڪاليج جي بلڊنگ جي بائونڊري وال ته نه ٺهي سگهي پر ڪاغذي ڪارروائي ۾ بائونڊري وال لاءِ 80 لک رپيا خزاني مان ڪڍرايا ويا. جڏهن ته ڊگري ڪاليج جي ڀاٿ روم لاءِ 70 لک جي بجيٽ جاري ٿي پر اها بجيٽ ڪاغذي ڪارروائي بعد ٺيڪيدار هڙپ ڪري ويا

شهرين چيو ته  ٺيڪيدارن خلاف مختلف وقتن تي ضلعي انتظاميا کي شڪايتون ڪيون آهن پر تدارڪ ناهي ٿيو، ٻي طرف اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر شاهد بشير کوسو ۽ غلام محمد کوسو ٻڌايو ته ضلعي ۾3 ارب کان به وڌيڪ ڪرپشن ڪرڻ جون شڪايتون مليون آهن، سال 2021 جون ۾ مختلف تعليمي درسگاهن لاءِ ڪروڙين رپيا آيا، جن مان اڪثر ترقياتي ڪمن ۾ ٺيڪيدارن، آفيسرن ۽ ٽريزري عملي سان ملي ڀڳت ڪري ايڊوانس بل ڪڍرائي ويا هئا، جيڪي ڪم اڃا  مڪمل نه ٿي سگهيا آهن، اينٽي ڪرپشن ٽيم موجب بهادر آباد اسڪول جو ڪروڙين روپيا بل ايڊوانس ٺيڪيدار امير حسين عرف ٻڪرو ڪڍرائي ويو پر اهو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، شڪايتون آيون آهن، جاچ ڪئي ويندي

هوڏانهن  بلڊنگس ۽ روڊس کاتي جي انجنيئر نصرالله گجراڻي ٻڌايو ته اسان جي کاتي ۾ ڪابه اهڙي شڪايت ناهي، جيڪڏهن اسان کان اڳ ڪنهن آفيسر ايڊوانس بل ٺيڪيدارن کي ڪيا آهن ته شهري ادارن ۾ شڪايتون ڪن اسين رڪارڊ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. ٻي طرف ڪرپشن بابت  ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي چيو ته ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد ادارن کي ليٽر لکبا ته جئين هو ٿيل ڪرپشن بابت انڪوائري ڪن ۽ ڪرپشن ثابت ٿيندڙن خلاف ڪارروائي ٿي سگهي،  هن چيو ته ڪرپشن ڪندڙن کي ڪڏهن به بخش نه ڪيو ويندو.