ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم )اسٽيٽ بينڪ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح 9.75 سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ڏس ۾ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر باقر رضا ڪالهه هتي  پريس ڪانفرنس ۾ ايندڙ 2 مهينن لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 12.3 سيڪڙو رهي آهي، نومبر ۽ ڊسمبر مهيني ۾ مهانگائي جي شرح ۾ واڌ ناهي ٿي، نومبر ۾ قيمتن ۾ 3 سيڪڙو واڌ آئي، جڏهن ته نومبر جي ڀيٽ ۾ ڊسمبر ۾ مهانگائي جي شدت ۾ گهٽتائي آئي آهي، هن چيو ته مني بجيٽ اچڻ کانپوءِ اسان جي مالي خساري ۾ گهٽتائي ايندي، جنهن سان ماهوار بنيادن تي مهانگائي جي رفتار ۾ پڻ گهٽتائي نظر ايندي، هن چيو ته پيٽروليم مصنوعات اسان جي ضابطي هيٺ ناهي، عالمي منڊي ۾ تيل ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ سبب سالياني بنيادن تي مهانگائي وڌيل رهندي، هن چيو ته 2023ع ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي ويندي، گورنر چيو ته نومبر ۽ ڊسمبر ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 1.9 ارب ڊالر رهيو، انهي ۾ واڌ ناهي آئي، هلندڙ سال دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 13 کان 14 ارب ڊالر رهندو، جيڪو جي ڊي پي جو 4 سيڪڙو هوندو، هن چيو ته اسان اڳ ۾ چيو هو ته شرح نمو 4 کان 5 سيڪڙو رهندي، معاشي سرگرمين ۾ گهٽتائي سبب جي ڊي پي جي شرح 4.5 سيڪڙو رهندي، هن چيو ته واپاري خساري ۾ استحڪام اچي رهيو آهي، طلب ۾ واڌ ٿي رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته مارچ ۾ مالي صورتحال ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي ويندي.