ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ريلوي واري وفاقي  وزير محمد اعظم سواتي چيو آهي ته پاڪستان ريلوي ڪنهن اداري کان پوئتي نه رهندو، اڄ کان اسٽيٽ آف دي آرٽ ٽرين هلائي آهي، جنهن ذريعي ون ونڊو سهولت ڏني وئي آهي، پاڪستان جي واپار ۽ ٽرانسپورٽ کي منافعي طرف وٺي وينداسين، ڪراچي پورٽ تي قائم سائوٿ ايشيا پاڪستان ٽرمينل تي مال بردار ٽرين واري ٽريڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته انهي ٽريڪ ذريعي پورٽ تي ايندڙ سامان جي پوري ملڪ تائين ريل رستي رسائي آسان بڻجي ويندي. ٻئي طرف ڪالهه شام جو پورٽ قاسم تي گڊز اسٽيشن جو افتتاح ڪرڻ بعد ڳالهائيندي اعظم سواتي چيو ته ريلوي ايندڙ 6 مهينن ۾ نفعي ۾ هلندڙ ادارو بڻجي ويندو، هن چيو ته هاءِ ٽيڪ ٽرين ٽريڪ سان پوري ملڪ کي فائدو ٿيندو، اها ٽرين سروس پورٽ قاسم اٿارٽي سان جوڙي ويندي، مستقبل ۾ آئل( تيل)  ۽ ڪوئلو به  ٽرينن ذريعي منتقل ڪيو ويندو. وفاقي وزير علي زيدي چيو ته ڪراچي کي عالمي بزنس حب ٺاهينداسين، پورٽ قاسم تي به ڪم ڪنداسين، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ماضي ۾ چورن جي هٿن ۾ هو، جنهن ڪري تباهي ٿي، اسٽيل ملز، ريلوي ۽ پي آءِ اي منافعي بخش ادارا هئا، چورن سبب اهي ادارا تباهه ٿي ملڪ تي ٻوجهه ٿي ويا.