ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ جسقم پاران ڪارڪن دانش ڪليري جي بازيابي لاءِ ٽئين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي هارون ڪلهوڙو، سڄڻ پيرزادو، نويد گهانگهرو، سهراب کوسو، مهراڻ کوسو ۽ ٻين چيو ته جسقم ڪارڪن دانش ڪليري گم ٿي ويو آهي، جنهن جو ڪٿي به ڏس پتو نه پيو ملي، شڪ آهي ته  کيس اغوا ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته ڪارڪن کي هڪ بااثر ڌمڪيون ڏنيون هيون. هنن مطالبو ڪيو ته ڪارڪن کي بازياب ڪرايو وڃي.