ڊکڻ (ن پ ا) پريس ڪلب ڊکڻ جي باني ۽ صدر  صحافي، ليکڪ ۽ شاعر هزار خان چانڊيو جي چوٿين ورسي هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ملهائي وئي،صحافين، شاعرن، اديبن، استادن،سياسي سماجي،۽ مذهبي تنظيمن سميت مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ شرڪت ڪئي.  يونين آف جرنلسٽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر سرڪش سڌايو خطاب ڪندي چيو ته هزار خان چانڊيو صحافتي سٿ جو بيباڪ ۽ بهادر ساٿي هو، هن تمام ڏکين حالتن ۾ صحافتي ذميواريون ڀرپور نموني نڀايون، ورسي تقريب جي موقعي تي  هزار خان چانڊيو کي لفظن ۽ شاعري ذريعي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي،ورسي تقريب جا انتظام سندس پونئرن اڪرم چانڊيو ۽ سردار چانڊيو سميت پريس ڪلب ڊکڻ جي صحافين سنڀاليا جڏهن ته خيرات في سبيل لله جو پروگرام پڻ رکيو ويو، جتي صحافي هزار خان چانڊيو جي روح کي ايثال ثواب لاءِ دعا پڻ گهري وئي،