جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ڀرسان مولاداد ۾ زبير  جکراڻي پاران فيصل مغيري جي پهرين ورسي ملهائي وئي. ليکڪ حمير چانڊيو، اظهر گل سرڪي، سرمد ڪنڊراڻي، امداد ساگر پنهور، اسرار چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪري ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي زبير جکراڻي خطاب ڪندي يو ته فيصل مغيري جي پراسرار موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ قبر ڪشائي ڪري سندس جسم مان جزا ورتا، قتل کي دل جي دوري ۾ فوت ٿيڻ جي ڪوڙي رپورٽ جاري ڪئي وئي، اھڙي رپورٽ کي چئلينج ڪيو آهي، فيصل مغيري جي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڪروڙن جي آڇ ڪئي وئي. انڪار تي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي ڪراچي جي لانڍي جيل منتقل ڪيو ويو، ان باوجود به مان جھڪيو ناهيان. ھن مطالبو ڪيو ته فيصل مغيري جي قتل بابت اعليٰ سطحي جوڊيشل ڪميشن جوڙي ملوث جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري سخت سزا ڏني وڃي.