خيرپور (رپورٽر) خيرپور ڀرسان ڳوٺ ڇتن شاهه واسڻ طلاق يافتا عورت مسمات فاطمه گوپانگ خيرپور پهچي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته 3 سال اڳ مون کي منهنجي مڙس طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو، هاڻي منهنجو والد گل محمد گوپانگ، محمد عرس گوپانگ ۽ عيدو گوپانگ ٽي لک رپين  عيوض مون کي زوري هڪ ڏوهاريءَ سان شادي ڪرڻ تي زور ڀري رهيا آهن منهنجي انڪار تي هنن مون مٿان سخت تشدد ڪيو ۽ مون کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر آئون پنهنجي جان بچائي گهران نڪري آئي آهيان. هن ايس ايس پي خيرپور ۽ اعليٰ عدالتن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي مون کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.