ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان سانگي شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاران پاڻي بند ٿيڻ خلاف ريلي ڪڍي ايريگيشن آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي محمد علي راڄپر، شڪيل لاڙڪ،  امداد علي لاڙڪ، علي شير  ۽ ٻين دانهيندي چيو ته آبپاشي عملدار  سانگي شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن سان ظلم ڪري رهيا آهن، اسان جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي جنهن سبب فصل سڪي ويا آهن، نقصان ٿي رهيو  آهي، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، پاڻي فراهم ڪيو وڃي.