تلھار (ن پ ا) ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بدين سميت تعلقي تلھار ۾ ڪولھي برادري کي مخصوص سيٽن تي نمائندگي نه ڏيڻ ۽ کين نظرانداز ڪرڻ  خلاف پيپلز پارٽي منارٽي ونگ ضلعي بدين جي نائب صدر  ڊاڪٽر پنھون ڪولھي،  اڳوڻي ڪائونسلر چنو ڪولھي، سجاد شاھ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بدين بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئياڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪولھي برادري جا بدين ضلعي اندر 2 لک کان وڌيڪ ووٽ ھجڻ باوجود اسان کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. ۽ ھن وقت پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي ڪيل فيصلي کي مان ڏيڻ بجائي  پيپلزپارٽي بدين جا اسٽيڪ ھولڊر پنھنجا عزيز ۽ من پسند ماڻھو مخصوص سيٽن تي کڻي رھيا آھن ۽ جيالن ۽ ورڪرن سان زيادتي ڪئي پئي وڃي.ھنن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم موجب  اسان  کي  اسان جو حق ڏنو وڃي ، ٻي صورت۾ مخصوص سيٽن تي ڪولھي برادري کي حصو نه مليو ته احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.