ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو  جي خانگي اسڪول ۾ تعليم جي عنوان سان گرانڊ ايجوڪيشن فيسٽول 2023ع ٿي گذريو، جنهن ۾ ممتاز شاهه، محمد ابراهيم جوکيو سميت مختلف اسڪولن جي پرنسپالز، شاگردن جي والدين ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، فيسٽيول ۾ شاگردن ۾ مختلف موضوعن تي تقريري مقابلا، سوالن جوابن جا مقابلا ڪرايا ويا، شاگردن پاران سنڌي اردو ۽ انگريزي ۾ ڪيل تقريرن تي آيل مهمانن پاران کين خوب داد ڏنو ويو، جڏھن ته سنڌ جي تعليم جي واڌاري جي موضوع تي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا، فيسٽيول ۾ عبدالستار ابڙو سنڌي ٻولي جي اهميت، پروفيسر عبدالرشيد سومرو شاگردن مان خوف ختم ڪرڻ ۽ نجم الحسن پاڪستان جا موجودهه مسئلا ۽ شاگردن جي ذميواري جي موضوعن تي ڳالهايو، اسڪول جي پرنسپال مظھر شاهه راشدي چيو ته پروگرام جو مقصد ٻارڙن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ آهي.