سکر(بيورو رپورٽ) جمعيت علماء اسلام سنڌ جي اڳواڻ علامه راشد محمود سومري چيو آهي ته سردار وڏيرا، نواب ۽ ڀوتار سنڌ ۾ امن  نٿا چاهين ۽ اهي ئي ڌاڙيلن جا ساٿاري ۽ سهولتڪار بڻيل آهن.  سکر لڳ بيدار امت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته عمران خان ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، هاڻ ڪهڙي منهن سان سياست جي ڳالھه ڪري رهيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته ايندڙ دور جمعيت علماءِ اسلام جو آهي، عوام عالمن تي اعتماد ڪري ووٽ ڏئي کين ڪامياب ڪري. جي يو آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، ڀنگ لاءِ اغوا، رتوڇاڻ، بدامني ۽ لاقانونيت حڪومت جي ناڪامي جو ثبوت آهي. سنڌ جا سردار وڏيرا، نواب ڀوتار سنڌ ۾ امن  نٿا چاهين، اهي ئي ڌاڙيلن جا سهولتڪار ۽ ڪرپشن ۾ ملوث آهن ۽ اهي ئي کين هٿيار فراهم ڪري رهيا آهن. سنڌ جي عوام کي سردارن، وڏيرن، نوابن ۽ ظالم حڪمرانن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. ان موقعي تي عبدالقيوم هاليجوي، مولانا محمد صالح انڍڙ، مفتي سعود افضل هاليجوي، مولانا عبدالله مهر ۽ پڻ خطاب ڪيو.