ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ نوجوان ناري جو گھر جي واشروم ۾ ٽنگيل لاش ھٿ، ان ڏس ۾  شھر ۾ شاھي بازار جي گل ڪالوني ۾ 19 ورھين جي نوجوان ناري رمشا ڌيءُ اعجاز گِل جو گھر جي اندر واشروم جي پاڻي واري شاور ۾ ٽنگيل لاش ھٿ آيو. اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وئي. پوليس موجب ته ابتدائي طور تي واقعو خودڪشي لڳي پيو، ناري جا وارث ڪابه ڪارروائي ڪرائڻ نٿا چاھين ۽ ڪجھه به ٻڌائڻ لاءِ  تيار ناهن، جاچ ڪري رھيا آھيون.هوڏانهن ناري جي خانداني ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته ناري جي وارثن موقف ظاھر ڪيو ته ناري جو دماغي توازن درست نه هو، جنھن سبب ھن مبينا طور خودڪشي ڪئي آھي.