گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ڀرسان گلڻ واٽر اسٽاپ وٽ سي آءِ  اي پوليس  جو گودام تي ڇاپو،  نقلي ڀاڻ جون 300 ٻوريون ۽  ڪيميڪل ھٿ،  2 ڄڻا گرفتار،ان ڏس ۾ گپچاڻي ڀرسان گلڻ واٽر وٽ قاسم سٽي ۾  سي آءِ اي پوليس  جي ڊي ايس پي مبين پرهياڙ ۽ ايگريڪلچرل جو ايڊيشنل ڊرائريڪٽر محمد رمضان چنا جي اڳواڻي ۾ ڀاڻ ٺاهيندڙ گودام تي ڇاپو هنيو ويو، ڇاپي دوران گودام مان 300 ٻوريون نقلي ڀاڻ،  ڪيميڪل  ۽ ڀاڻ ٺاهيندڙ مشينون ھٿ ڪري پوليس 2 ڄڻن شاھ محمد بروھي ۽  ھڪ نامعلوم  کي گرفتار ڪري کڻي وئي، جڏهن ته ھٿ آيل نقلي ڀاڻ سي آءِ اي پوليس  پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ان حوالي سان  ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچرل شھيد بينظير آباد محمد رمضان چنا ٻڌايو ته ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ نقلي ڀاڻ بابت شڪايتون مليون ھيون،  ڳجھي نشاندهي تي سي آءِ پوليس سان گڏجي گدام تي ڇاپو ھنيو، ھتي ڊي اي پي ڀاڻ ۽ زنڪ جون سوين ٻوريون نقلي ڀاڻ  جي نالي سان ٺاھي مختلف شھرن ۾ وڪرو ڪيو وينديون ھو. نقلي ڀاڻ ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.