ڪنب ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ، رٽائرڊ پوليس اھلڪار پٽ سوڌو قتل، ھڪ زخمي

0
233

ڪنب(ن پ ا) ڪنب ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ رٽائرڊ پوليس اھلڪار امداد گوپانگ پٽ سوڌو قتل ٿي ويو، شھر جي شاهي بازار ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اھلڪار قتل ٿي ويو، عمران گوپانگ سوڌو 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فائرنگ سبب شھر ۾ خوف ۽ حراس پکيڙجي ويو ۽ ڪنب شھر مڪمل طور تي بند ٿي ويو، قتل ٿي ويل شخص ۽ زخمين کي ڪوٽڏيجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏھن تھ اسپتال ۾ عمران گوپانگ دم ڏنو، مارجي ويلن جو انگ 2 ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، قتل ٿيل ٻئي پيءُ ۽ پٽ آھن.