اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب جعلي بينڪ اڪائوٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي مبينا فرنٽ مين جو پتو لڳائي ورتو، نيب ذريعن مطابق جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جو مرڪزي ڪردار يونس قدوائي ئي يونس ميمڻ نڪتو، يونس قدوائي جي خلاف نيب 5 ريفرنس داخل آهن جن ۾ هو اشتهاري قرار ڏنل آهي، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته يونس قدوائي (يونس ميمڻ) سنڌ بينڪ، فلاحي پلاٽن ۾ غبن ڪرڻ سميت مختلف معاملن ۾ زمينن تي قبضا ڪندو هو ۽ ڪڪ بيڪس حاصل ڪندو هو، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته يونس قدوائي عرف يونس ميمڻ آصف زرداري جي جڳهه تي رشوت ۽ ڪڪ بيڪس وصول ڪندو هو، بعد ۾ اها وصول ڪيل رقم تعميراتي ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري جي نالي استعمال ڪئي ويندي هئي، اربين رپين جي مني لانڊرنگ ۾ استعمال ٿيڻ واريون جعلي بينڪ اڪائونٽن جو مهرون يونس قدوائي جي آفيس مان مليون آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته يونس قدوائي عرف يونس ميمڻ جو فرنٽ مين نديم احمد سلطاني گواهه بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته پارڪ لين فراڊ ڪيس ۾ آصف زرداري کي بچائڻ لاءِ سمورا اڪائونٽ يونس قدوائي عرف يونس ميمڻ استعمال ڪندو هو، سندس خلاف هڪ انويسٽيگيشن ۽ 3 انڪوائريون هلي رهيون آهن، جڏهن ته يونس قدوائي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته يونس قدوائي کي ڪئناڊا کان واپس پاڪستان آڻڻ لاءِ انٽرپول جي به مدد ورتي ويندي.