ڪنب (ن پ ا) ڪارگو رڪشا ۽ ڦٽو هلائيندڙ ڊرائيورن پاران ڪرايو نه وڌائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. خبر موجب ڪنب شھر ۾ دڪاندارن ۽ واپارين جو سامان ڍوئيندڙ چنگچي رڪشا ۽ ڦٽو هلائيندڙ پورهيتن رڪشا بيهاري مناسب ڪرايو نه ملڻ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي حسن تمراڻي، علي ڏنو پلهه، نذير سنجراڻي، آزاد کورکاڻي ۽ ٻين چيو ته مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي پر ان باوجود واپاري ۽ دڪاندار سامان کڻڻ جو ڪرايو ساڳيو ئي ڏين ٿا. واپارين ۽ دڪاندارن جي ڳٺجوڙ سبب مناسب ڪرايو نٿو ڏنو وڃي. دڪاندار ايسوسيئيشن ڪنب جي صدر ممتاز علي وساڻ کي به دانهن ڏني آھي پر ان باوجود تدارڪ نه ٿيو آهي. هنن چيو ته پئٽرول ۽ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون وڌي وڃڻ ۽ مهانگائي سبب ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان ٿي ويا آھيون. هنن مطالبو ڪيو ته ڪرايو وڌايو وڃي ۽ وزن 35 مڻ کان گهٽائي 25 مڻ مقرر ڪيو وڃي.