سجاول جوڻيجو (ن پ ا) ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ اورنگزيب سمون ٽائون آفيس سجاول جوڻيجو جو دورو ڪيو، جتي ڪيترائي ملازم غير حاضر هئا، ڊائريڪٽر سڀني ملازمن کي گهرائي رڪارڊ گهريو، ملازمن سرٽيفڪيٽن ۽ آرڊر جون فوٽو ڪاپيون ڪرائي آفيس ۾ جمع ڪرايون، هوڏانهن ڊائريڪٽر اورنگ زيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائون ڪاميٽي ۾ 194 ملام ڀرتي ٿيل آهن، شهر ۾ صفائي ۽ جعي ملازمن جي شڪايت ملي آهي، تنهن ڪري ٽائون آفيس جي ملازمن جو رڪارڊ گهريو آهي، 2013/2012 جي ملازمن رڪارڊ چيڪ جي انڪوائري سيڪريٽري کي رپورٽ ڏيندس. شهر جو وزٽ ڪيو ته  شهر ۾ گندگي وڌيل هئي ٽائون آفيسر کي صفائي سٿرائي لاءِ وڌ کان وڌ چيو آهي انشاء الله اسان جي حڪم تي شهر جي صفائي يقيني بڻائي ويندي.