ڪنب (ن پ ا) سيپڪو اهلڪارن جي نااهلي سبب ڪريل تارن مان ڪرنٽ لڳڻ  سبب نوجوان فوت ٿي ويو. خبر موجب سيپڪو انتظاميا جي نااهلي سبب ڪنب شھر جي بينظير ڪالونيءَ ۾ ڪريل تارن مان بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان راشد علي ولد ارشاد علي تمراڻي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي گمس اسپتال گمبٽ نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪنب جي زوار محمد مراد تمراڻي محلي جو نوجوان راشد علي درگاهه پير ظاهر ولي تي کير کڻي وڃي رهيو هو ته بينظير ڪالونيءَ ۾ ڪريل تارن مان ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويو. نوجوان جو مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.