لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي ريلوي ڪالوني ۾ پراڻي لڳل پول تان بجلي جون تارون لاهيندي ريلوي ملازم 50 ورهين جو رحمت الله خروس ڪري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي چانڊڪا  اسپتال آندو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، ريلوي پوليس ٻڌايو ته ريلوي ڪالوني ۾ پراڻيون تارون ۽ پول لاهڻ جو مٿين آفيسرن جو حڪم مليل هو، اولڊ ڀٽو پليٽ فارم سامهون لڳل پراڻي پول تي  ڪم ڪندڙ رحمت الله خروس پراڻي پول ۽ ڏاڪڻ سميت ڪري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي کڻائي اسپتال پهچايو جتي هو  فوت ٿي ويو آهي. هوڏانهن اسپتال انتظاميا ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪو ايمبولنس ذريعي کڻائي نئون ديرو  ويجهو ڳوٺ فيض محمد جيهو روانو ٿي ويا.جنهنجو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.