ڪنب (ن پ ا) فقير آباد ٽائون ڪاميٽي جو ڳوٺ دين محمد کوکر پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آھي، ٻه سو کان وڌيڪ گهرن تي مشتمل ڳوٺ جي رهواسين انجنيئر نويد علي کوکر، محڪم الدين کوکر، منظور کوکر، سهيل کوکر احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته اسان جو ڳوٺ ٽائون ڪاميٽي فقيرآباد جي وارڊ نمبر ٽي ۾ آھي جيڪو هن جديد دئور ۾ به مٺي پاڻي سميت ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آھي هنن چيو ته ٻه سو کان وڌيڪ گهرن تي مشتمل ڳوٺ ۾ واٽرسپلاءِ لائن نه هجڻ ڪري مٺي پاڻي جي سهولت کان محروم آهيون ڪڙو ۽ سنکيو مليل پاڻي واپرائڻ سبب ڪيترائي ڳوٺاڻا ڪاري ڪامڻ ۽ ٻين مختلف بيمارين ۾ مبتلا آھن. هنن چيو ته ٽائون فقيرآباد جي لکين رپين جي بجيٽ هجڻ ۽ ساليانه ڪروڙڙن جا ترقياتي فنڊ هجڻ باوجود ڳوٺ کي سهولتن کان محروم رکيو ويو آھي پاڻي پيئڻ لائق نه هئڻ ڪري ٻه ڪلو ميٽر پري کان پاڻي ڀري استعمال ڪرڻ تي مجبور آھيون.