خانواھڻ (ن پ ا) 50 هزار کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ساهتي پرڳڻي جو شهر خانواهڻ هن جديد دور ۾ به ڊرينيج جي نظام کان محروم بڻيل، شهر جو ڳتيل آبادي وارو پاڙو ان سهولت کان محروم، سموري شهر ۾ 20 سال اڳ ٺهيل ڊرينيج جو نظام پڻ تباھ ٿي ويو، گندو پاڻي روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ بيهڻ لڳو، بيماريون ڦلجڻ لڳيون، چونڊيل نمائندا صرف دلاسا ڏيڻ ۾ مصروف، 20 سال اڳ خانواهڻ شهر ۾ تعمير ڪيل ڊرينيج نظام مڪمل طور تباهه ٿي ويو، نوان ٺهيل علائقا جديد دور ۾ به ڊرينيج جي نظام کان محروم بڻيل آهن، گندو پاڻي روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ دٻن جي صورت ۾ بيٺل، رهواسي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن. ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي شهري اتحاد خانواهڻ جي جنرل سيڪريٽري سيد عاشق علي شاهه، ينگ ويلفيئر آرگنائيزيشن خانواهڻ جي صدر فهيم پنهيار، شهرين شڪيل سهتو، وقار ڪونڌر ۽ ٻين چيو ته چونڊيل نمائندا صرف دلاسا ڏئي رهيا آهن، ڪافي ٻار شڪايتن باوجود به ڪو تدارڪ نه ٿو ڪيو وڃي، وچ آبادي ۾ سم نالا موجود آهن جن کي پڻ ٻاهر منتقل ڪرڻ جا واعدا وفا ناهن ڪيا ويا جنهن سبب رهواسي اذيت واري زندگي گهاري رهيا آهن، ڊرينيج جو نظام پڻ 20 سال پراڻو هجڻ سبب مڪمل تباهه ٿي ويو آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ ڊرينيج جو نظام پڻ ميسر ناهي جنهن سبب علائقي واسي پٿر جي دور واري زندگي گهاري رهيا آهن، ڊرينيج نظام درست نه هجڻ سبب ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو آهي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته جلد شهر جو ڊرينيج نظام نئين سر جوڙائي رهواسين کي بيمار ٿيڻ کان بچايو وڃي.