حيدرآباد: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2018ع واري امتحاني نتيجي تي نوجوانن جو سخت رد عمل سامهون آيو هو. نوجوانن الزام لڳايا هئا ته هڪ ئي گهر جي ڪيترن ئي ڀاتين کي ڪميشن تحت نوازيو ويو آهي. ان وقت جي ڪميشن ميمبر سائينداد سولنگي تي اهي الزام لڳايا ويا هئا ته هن ڪميشن تحت پنهنجي گهرڀاتين کي 17هين گريڊ جون نوڪريون ڏياريون آهن. ڪجهه ماڻهن حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن تي به الزام مڙهيا هئا ته انهن پنهنجي گهرڀاتين، يارن ۽ دوستن کي به نوازي ڪميشن تحت آفيسر مقرر ڪرايو آهي.