حيدرآباد: درخواست گذارن پنهنجي پٽيشنن ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 2018ع دوران اشتهار ذريعي اعلان ڪيو ته ميڊيڪل آفيسرز جي 1783 جاين تي اميدوارن کان امتحان ورتو ويندو جنهن ۾ 1337 جايون ميل ميڊيڪل آفيسرز لاءِ رکيون ويون جڏهن ته 446 جاين تي وومين ميڊيڪل آفيسرز کي انٽرويو ڏيڻ لاءِ چيو ويو. ڪميشن جي اهڙي اشتهار تحت هزارن جي تعداد ۾ ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين درخواستون جمع ڪرايون ۽ هزارن جي تعداد ۾ ئي اميدوارن لکت وارو امتحان ڏنو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ميڊيڪل آفيسرز جي امتحانن جي نتيجن جو اعلان ڪندي پڌرو ڪيو ته 1337 جاين تي ڪل 477 اميدوارن لکت وارو امتحان پاس ڪيو جڏهن ته 1035 جايون خالي رهجي ويون آهن. وومين ميڊيڪل آفيسرز جي 446 سيٽن لاءِ 1046 اميدوارن امتحان ڏنو جنهن مان 434 وومين اميدوارن امتحان پاس ڪيو ۽ 12 جايون خالي رهجي ويون. خالي جاين کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ٻيهر سال 2019ع ۾ غيرقانوني طريقي سان رڳو مرد اميداورن کي انٽرويو لاءِ گهرايو جن کان لکت وارو امتحان توڙي ٻي ڪا به قانوني گهرج پوري نه ڪئي وئي هئي. امتحانن لاءِ گهربل ضرورتون پوريون نه ٿيڻ جي ڪري ٻين اميدوارن جي حق تلفي ٿي. انهن عدالت کي استدعا ڪئي هئي ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي.