ڪراچي(اسٽاف پورٽر) سنڌ سرڪار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بابت فيصلي سان سنڌ حڪومت متفق ناهي، فيصلي ۾ قانوني گھرجون پوريون ناهن ڪيون ويون، پٽيشنر جو مطالبو هڪڙو هو پر فيصلو ٻيو ڏنو ويو آهي، ان ڪري سنڌ حڪومت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته هو فيصلي جي ڪاپي وٺي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي تياري ڪري. سنڌ حڪومت جا وڪيل انهي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ جلد اپيل داخل ڪندا