ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور جي ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر ٽن ٻارڙن جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب بيھوش ٿي ويا .مختيار ڪار ڪشمور ڪيمپ تي پھچي نينگري جندل، وسيم ۽ نديم کي ڪشمور تعلقي سول اسپتال پهچايو، جتي عملو ڊيوٽي تي موجود نه ھئڻ ڪري خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، مختيار ڪار ڪشمور چيو ته حيرت آهي سوا چار لک آبادي جي واحد تعلقي سول اسپتال ۾ڪو ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.