جهوڪ شريف (ن پ ا) جو کيڙي سو کائي جو نعرو ڏيندڙ صوفي بزرگ صوفي شاھ عنايت شھيد جو ٽي سئو چوڏهون عرس جاري آهي، عرس جي ٻئي ڏينهن جون تقريبون هلندڙ آهن، معمول موجب گادي نشين قصر قلندر ۾ چبوتري هيٺان پلال تي ويهي صوفياڻي ڪچھري ٻڌي، صوفياڻي ڪچھري ۾ شفيع فقير، سھڻو فقير، منور فقير ۽ ٻين ڪلام پيش ڪري پنهنجي مرشد کي ڀيٽا پيش ڪئي، ٻئي طرف ميلي تي بلوچستان، جيڪب آباد، ڊکڻ، دادو ۽ ٻين شھرن کان   ايندڙ مريدن پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته  ٻوڏ ۽ برسات سبب اسان جا روڊ رستا ڳوٺ سڀ ٻڏي ويا، پوءِ به نڪري آياسين ۽ پنهنجي مرشد جي حاضري ڀرڻ پهچي وياسين.