لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پاڪستان سپر ليگ 6 ۾ سڀ کان وڌيڪ 20 وڪيٽون وٺي ملتان سلطان ٽيم کي چئمپين بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ لاڙڪاڻي واسي ڪرڪيٽر شاهنواز ڏاهاڻي جي مان ۾ ناليج سينٽر ۽ انڊس اسڪول طرفان آجياڻو ڏنو ويو، تقريب کي خطاب ڪندي شاهنواز ڏاهاڻي چيو ته ڪرڪيٽ جو ننڍي کان شوق ھو، جڏهن ته آءُ ھارپو ڪري ڳوٺ ۾ ٽيپ بال کيڏندو ھئس، بعد ۾ دوستن جي صلاح سان ھارڊ بال کيڏڻ شروع ڪيو ۽ ڏينهن رات محنت ڪئي. هن چيو ته فاسٽ بالنگ سکڻ ۾ تڪليفون به آيون، الله تعالي جو شڪر گذار آهيان، مون کي والدين ۽ شھرين جي دعائن سان اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو. هن چيو ته قومي ٽيم ۾ ويسٽ انڊيز خلاف نمائندگي ملي آهي ان لاءِ اوھان جي دعائن جي ضرورت آهي. ھن چيو ته شاگرد پنهنجو وقت ضايع نه ڪن ۽ محنت ڪندي اڳتي وڌن، هو هڪ ڏينهن ضرور ڪنھن مقام تي پھچندا. تقريب ۾ پروفيسر مختيار سمون، رياض سومرو، نياز ابڙو، رياضت ٻرڙو، نثار مغيري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسڪولي ٻارن شاهنواز ڏاهاڻي کي گلدستا پيش ڪيا.